اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفا??ي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام جو اهم حصو آهي. ادارن جي وقت سر ۽ شفاف نجڪاريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. وفا??ي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ جو هفتيوار جائزه اجلاس نجڪاري وزارت ۾ منعقد ٿيو. نجڪاري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ سيڪريٽري نجڪاري سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفا??ي وزير کي مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفن?? ڏني وئي. اجلاس دوران جناح ??ني??نشن سينٽر، ايس ايم اي بئنڪ، پارڪ ري انشورنس سميت ٻين مختلف ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفا??ي وزير کي سرڪاري پراپرٽيز جي وِڪري، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ـ سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ بابت به تفصيلي بريفن?? ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ڊويزن طرفان هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي بورڊ جي منظوريءَ لاءِ سمري وزيراعظم آفيس موڪلي وئي آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه مان بورڊ جي منظوريءَ ک??نپ??ءِ ايڪسپريشن اينڊ انٽريشن شايع ڪيا ويندا. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ جي اڪائونٽس جي آڊٽ لاءِ آڊٽ فرم جي خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وفا??ي وزير چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي.
وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ جو هفتيوار جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : ریل رش