اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ت??ري??ي، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، ت??ري?? ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ثابت قدمي سان بيٺل رهيا، ٻئي ملڪ 7 ڏهاڪن کان خصوصي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، سع??دي عرب جو ويزن 2030ع منصوبو پاڪستان کي سع??دي عرب سان نئون پاڪستان منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڳالهين جا موقعا فراهم ڪري ٿو. سع??دي عرب جي الرياض اخبار کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان سع??دي عرب کي آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ زراعت ۾ پنهنجي مهارت جي حصيداري ڪرڻ کانسواءِ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي سان گڏوگڏ موجود دور ۾ پڻ علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تبديل ڪرڻ جي ڪڏهن نوبت نه آئي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ثابت قدمي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو رشتو 7 ڏهاڪن جو آهي، اسان جي اها خواهش آهي ته ان تعلق کي هڪ گهري، متنوع ۽ گڏيل فائديمند تذويراتي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي، اسان تعاون جي نئين ۽ غيرروايتي شعبن جي ڳولا ڪري ت??ري??ي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته اسان جا واپاري لاڳاپا ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون اسان جي بهترين لاڳاپن موجب هجي. وزيراعظم چيو ته سع??دي عرب جي تازي دوري دوران کيس سع??دي پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ پهرين فورم ۾ شرڪت جو موقعو مليو جنهن ۾ هن واپار جي شعبي ۾ استعمال ۾ نه ايندڙ صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽرز کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هي فورم اسان جي سيڙپڪاري جي تعاون ۾ نئين دور جي شروعات ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ويزن 2030ع تحت مختلف شعبن ۾ سڌارا متعا??ف ڪرائڻ تي سع??دي قيادت کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته سندس سع??دي عرب جي تازي دوري ۾ ويزن 2030ع تحت سيڙپڪاري جي موقعن، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موسمياتي تبديلي تي سربراهه اجلاس جي حوالي سان هن چيو ته هي اجلاس موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سع??دي قيادت جي ٺوس قدمن جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو، گرين سع??دي انيشيٽو ۽ گرين مڊل ايسٽ انيشيٽو نه رڳو سع??دي عرب پر پوري خطي ۾ فطرت ۽ آبهوا جي تحفظ لاءِ ذڪر جوڳو قدم آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي سان جيڪو خطرو اسان جي زمين کي آهي، اهو حقيقي آهي ۽ هي صحيح رخ ۾ ٺوس قدم کڻڻ جو وقت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبن تي ڪم جاري آهي جيڪي انهي طرز جا منصوبا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اسان جون ترجيحون ۽ هدف ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان ملن ٿا، اسان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهون ٿا، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون وڌائي سگهون ٿا. مسلمان امت جي ??تح??د جي لاءِ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي هڪ اهم ميمبر هجڻ جي حيثيت سان سع??دي عرب سدائين مسلمان ملڪن جي ??تح??د ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 2020ع ۾ او آءِ سي متفقه طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد کي منظور ڪيو. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ اسلام جي خلاف وڌندڙ خطرو عالمي سطح تي ڳڻتي جو سبب آهي، اسان پرامن گڏيل بقاءَ ۽ هم آهنگي تي يقين رکون ٿا ڇو ته دهشتگردي ڪڏهن به اسلام جو حقيقي چهرو نه هئي ۽ نه ڪڏهن رهندي. وزيراعظم چيو ته حرمين شريفين جو گهر هجڻ ناطي سع??دي عرب جو مسلمان امت جي لاءِ قائداڻو ڪردار فطري آهي، پاڪستان ان سان تعاون ۾ سڀ کان اڳتي هوندو، سع??دي عرب پاران مالي معاونت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان مالي معاونت تي سع??دي عرب جا ٿورائتا آهيون، اها امداد عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان جي ادائيگين جي توازن ۾ مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ پراڻي ۽ ت??ري??ي ڀائراڻن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، ت??ري?? ۽ گڏيل تعاون سان ڳنڍيل آهن، سع??دي عرب سدائين مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي آهي، سع??دي عرب پاران تازي امداد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو عزم آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo