اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي استعمال جي حوالي سا?? آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن عوام ۽ سمورن حصيدار?? کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي. هو چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي استعمال جي حوالي سا?? جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حوالي سا?? جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو وي??. ا??هن قدمن جو مقصد چون??ن جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته جئين عوام ۽ سمورن حصيدار?? کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ بنا جواز جي تنقيد جو حقيقتن سا?? گڏ جائزو پيش ڪري سگهجي.
وزيراعظم پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ