اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ۾ متنوع ثقافتي ورثو موجود آهي جنهن جي ڪيوبا جي عوام سان مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سف??ر زينيئر جيويئر ڪيرو گونزيلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. چوڌري فواد حسين ??يو ته جوائنٽ پروڊڪشنز جي شعبن ۾ تعاون سان اسان کي هڪ ٻئي جي قدرن ۽ معاشرتي اصولن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ميڊيا، اطلاعات ۽ ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيوبا جي سفير کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ Latin Press of Cuba جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن ??يو ته ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي د??ستي تي ٻڌل آهن. هن ??يو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي د??ري جي آجيان ڪندو. ٻن??ي ملڪن جي وچ م ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ڪيوبا جي سفير ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي د??ري جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير جي تجويز کي ساراهيو. هن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏيل قدرن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ جعلي خبرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis