اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو، سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پ??سي رکندي ماڻهن جي رهنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان بچڻ جي ل??ءِ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وزيراعظم کي ڪورونا ويڪسين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان سڀ وزيراعظم ۽ خاتون اول جي صحتيابي ل??ءِ دعاگو آ??يون، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئي ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثرين جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪ?? معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ماڻهن جو روزگار ۽ زندگيون محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ويڪسين جي دستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي خاتمي ل??ءِ نظم ۽ ضبط سان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ ان لاءِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي ل??ءِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مولانا فضل الرحمان جي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ