اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبابندي ڪرڻ گهرجي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خورن جي خلاف سخت ترين قدم کنيا وڃن، ٻنيءَ ٻاري کا?? مارڪيٽ تائين شين جي منتقلي ۽ ٻين ڪمن ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪتب آندو وڃي، ڪوشش ڪئي وڃي ته غريب ماڻهو تي ڪنهن قسم جو اضافي بار نه پوي. هن اهڙن خيالن جو اظ??ار ضروري شين جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگارن نديم ??ابر?? ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعيم ??ان، پنجاب جو ناڻي وارو وزير هاشم جوان بخت، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي پيداوار، کپت ۽ ضرورتن جي ڪاٿي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته مستقبل جي ضرورتن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هينئر کا?? ئي جامع منصوبابندي ڪئي وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ضروري شين جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر