اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ماحول کي آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ذريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وز??را??ظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي وزير زرتاج گل، وز??را??ظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائوس گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي اضافي جي شر?? معمول جي طئي ڪيل هيٺين سطح کان 9 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته اها شر?? قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کان به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي م??ڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وز??را??ظم جي موسمياتي تبديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ??ڌا??و ته وڻ وڍڻ جي شر?? ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي دوران اها گهٽتائي ساليانو 12 هزار هيڪٽرز کان گهٽ ٿي 8 هزار هيڪٽرز تي اچي وئي آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena