اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڀارت جي به ذميواري آهي، ڀارت جو وڏو طبقو سمجهي ٿو ته ڀارت کي پنه??جي پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي، ڀارتي جارحاڻي پاليسي سان نتيجا حاصل نه ٿيا، ڀارت کي پنه??جي جارحاڻي پاليسي تي ??ظرثاني ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون، افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو مذمت جوڳو آهي، آمريڪا کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن ان جي لاءِ پاڪستان اهم م??ڪ آهي. هو ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ پنه??جي دل جي ڳالهه ڪئي ۽ عوام سندس خطاب کي خوب ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات