بيروت-28 سيپٽمبر (ا?? پي پي) لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ درجنين فلسطيني پناهگ??رن هالينڊ جي سفارتخاني سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ فلسطيني اڳواڻ امين ابو راشد جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪو تقريبن 3 مهينن کان هالينڊ ۾ حراست هيٺ آهي. مظاهرين لبنان ۾ ڊچ سفير کي ابو راشد جي امداد مان فائدو کڻندڙ خاندان?? طرفان هڪ يادداشت پيش ڪئي جنهن ۾ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. ڊچ سيڪيورٽي عملدارن گذريل جون ۾ ابو راشد کي گرفتار ڪيو هو ۽ ان تي سلامي تحريڪ مزاحمت حماس سان جڙيل تنظيمن کي رقم موڪلڻ جو الزام لڳايو ويو هو، ڊچ عملدارن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي مدد سان حماس کي 5.5 ملين يورو منتقل ڪيا، جنهن کي ڪيس جي ٻڌڻي تائين آزاد ڪيو ويو، واضح رهي ته ڊچ عملدارن ابو راشد کي بن?? ڪنهن ڪيس جي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ رکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ