بيجنگ-12 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۾ 18 هين عالمي آبي ڪ??نف??نس بيجنگ ۾ شروع ٿي وئي آهي. ڪ??نف??نس ۾ پاڪستان سميت 60 کان وڌيڪ ملڪن ۽ خطن جي اٽڪل 600 عالمي نمائندن، 130 کان وڌيڪ عالمي تنظيمن ۽ پاڻي سان واڳيل ادارن ۽ اٽڪل 700 گهريلو آبي تحفظ جي صنعت جا اهلڪار شرڪت ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن ??طا??ق اهو پهريون موقعو آهي ته چين ۾ ورلڊ واٽر ڪ??نف??نس منعقد ڪئي وئي آهي. ڪ??نف??نس جو موضوع پاڻي سڀني لاءِ، انسان ۽ فطرت وچ ۾ هم آهنگي آهي. ڪ??نف??نس ۾ چين طرفان پاڻي جي تحفظ بابت تصور ۽ پاڻي جي انتظام ۾ حاصل شده ڪاميابين کي بحث هيٺ آندو ويندو جنهن سان عالمي آبي گورننس ۾ مدد ملندي. اهو ئي سبب آهي جو ان سرگرمي کي پرڏيهي نمائندن طرفان نمايا ڌيان مليو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي ماهر?? جو چوڻ آهي ته چين وڏن آبي منصوبن جي حوالي سان جديد نقطه نظر ۽ پاڻي جي سماجي انتظام ۾ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. چين ان تجربي کي عالمي سطح تي ورهائڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي جديد ٽيڪنالاجي جو سهڪار ڪري سگهي ٿو.
چين ۾ 18 هين عالمي آبي ڪانفرنس شروع، پاڪستان سميت 60 کان وڌيڪ ملڪن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ