جده -10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ ع??ري واري وزارت چيو آهي ته ننڍي عمر وارا ماڻهو هاڻي اڪيلا ع??ري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا، تنهن هوندي به انهن جي عمر 18 سالن کا?? گهٽ نه هئڻ گهرجي. سعودي اخبار مطابق حج ۽ ع??ري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀني عمره ڪمپنين ۽ ادارن کي چيو ويو آهي ته هو ??ئي?? عمره سيزن دوران پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي حوالي سان مقرره قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي جاري رکن. وزارت چيو ته پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي عمر 18 سالن کا?? گهٽ نه هئڻ گهرجي. وزارت چيو ته عمره ڪمپنيون ۽ ادارا پرڏيهي زائرين لاءِ عمره پيڪيج جي دائري ۾ گهربل سهولتن جو انتظام ڪن. عمره ويزي جي جاري ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ٽرانسپورٽ، انشورنس ۽ بنيادي خدمتن جي بڪنگ ضروري آهي. عمره پئڪيج جو وقت ملڪ اندر عمره زائرين جي قيام جي حقيقي عرصي مطابق هئڻ گهرجي، مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ کا?? 90 ڏينهن تائين قيام ڪري سگهجي ٿو. عمره سيزن جي پڄاڻي جي حوالي سان انتهائي حد 29 ذوالقعد 1445هه هوندي.
ننڍي عمر وارا هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا: سعودي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن