اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪن جا هڪ ٻئي ??ان سدابهار لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياحتي شعبي ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، يونس ايمري انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ ??ان ترڪ ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ، ترڪش ڪلچر سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه ا??ان جو دوست آهي جنهن ??ان ا??ان جي لازوال دوستي آهي جيڪا سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي جي مضبوطي رشتي ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته عظيم صوفي شاعر يونس ايمري جنهن کي يونس درويش به چيو وڃي ٿو، جي شاعري ۽ ڪهاوتون اڄ به ترڪ ثقافت ۾ اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته ثقافت ئي هڪ ٻئي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر خليل توڪار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پاڪستان ۾ رهي ترڪ ثقافت کي جهڙي طرح فروغ ڏنو، يقينن داد جو مستحق آهي. هي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ بي لوث ڪم ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه ??ان حصيداري وڌائڻ جي لاءِ استنبول ۾ هيڊ آف ڪميونيڪشن ??ان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته جهڙي طريقي ??ان ترڪيه جا ڊراما پاڪستان ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهيا آهن اهڙي طرح پاڪستان جا ڊراما ترڪيه ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پ??ڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تمام گهڻيون شيون ??ڏي?? آهن جيڪي زبان، ثقافت، مذهب جي شڪل ۾ نظر اينديون، اهو ئي سبب آهي جو اهو نه ٽُٽندڙ رشتو آهي. هن چيو ته ثقافتي طور تي ا??ان اهڙي مضبوطي ??ان ڳنڍيل آهيون جو علامه اقبال جي هڪ مزار قونيه جي اندر به آهي، مولانا رومي جي مزار ??ان گڏ علامه اقبال جي علامتي قبر ٺاهي وئي آهي، ان تعلق کي بيان ڪرڻ ئي مشڪل آهي. هن چيو ته ماڻهن جي پاڻ ۾ رابطن ??ان لاڳاپا وڌيڪ وڌن ٿا. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ ڪلچر سينٽر جي هتي قائم ٿيڻ ??ان ثقافت ۽ عوام جي ??ڏي?? رابطن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ترڪيه جي ثقافت کي ا??ان جي ماڻهن کي سمجهڻ ۽ اڳتي کڻي هلڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوام ??ان عوام جي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ٿنڪ ٽينڪس کي ويهاريو وڃي ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير عظيم شاعرن ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ يونس ايمري جي حوالي ??ان ثقافتي گروپس جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو ته پ??ڪستان ۽ ترڪيه جا اديب ۽ شاعر هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪن. ا??ان جي ڪوشش آهي ته انهن عظيم شاعرن جي ڪم کي اڳتي کڻي هلون جنهن جي ذريعي ٻنهي ملڪن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ٿئي ۽ ا??ان دنيا کي امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏئي سگهون.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará