اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ قائداعظم محمدعلي جناح جو 148هون جنم ڏڻ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان موقعي تي مين اسٽيم ميڊيا، ريڊيو ?? سوشل ميڊيا پليٽ فارم حب الوطني جي گيتن سان گونجي اُٿيا ۽ قومي گيتن، دستاويزي فلمن ۽ خاص پروگرامن ذريعي پاڪستان جي باني کي خر??جِ عقيدت پيش ڪندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام لاءِ قائداعظم جي غير متزلزل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. هي ڏي??هن قائداعظم جي جدوجهد ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏي??هن آهي. ان موقعي تي سرڪاري?? غير سرڪاري، نجي، فلاحي ۽ تعليمي ادارن ۾ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي باني کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڀرپور انداز ۾ خر??جِ عقيدت پيش ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی