قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ڊي – 8 جي ميمبر ملڪن جي لاءِ نوجوا??ن کي بااختيار بڻائڻ کي انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته تخليقي صلاحيتون رکندڙ نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي رجحان کي فروغ ڏيڻ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، ڊيجيٽل دنيا ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوا??ن کي آءِ ٽي جي تربيت ۽ اربين رپين جا قرض ڏنا پيا وڃن، غزه ۾ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه رڳو خطي پر دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسرندڙ ملڪن جي تنظيم ڊي – 8 جي 11هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??را??ظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس جي ميزباني تي مصري حڪومت ۽ ان جي قيادت کي مبارڪباد ڏيندي ڀائر ملڪ آذربائيجان کي ڊي – 8 ميمبر بڻجڻ تي ڀليڪار چيو ۽ ان يقين جو اظهار ڪيو ته آذربائيجان، صدر الهام عليوف جي باصلاحيت قيادت ۾ ڊي – 8 جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وز??را??ظم غزه ۾ جنگبندي کي انتهائي اهم ۽ ضروري قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غزه ۾ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه رڳو خطي پر دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي. وز??را??ظم چيو ته نوجوان ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار، معاشي ترقي جا اهم محرڪ آهن. نوجوان توانائي، نئين خيالن ۽ تخليقي صلاحيتن ??ان ڀرپور آهن. وز??را??ظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار نوڪريون فراهم ڪن ٿا، مقامي سطح تي ڪاروبار کي فروغ ڏين ٿا. هن ڊي – 8 ميمبر ملڪن جي لاءِ نوجوا??ن کي بااختيار بڻائڻ کي انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته هن سال سربراهي اجلاس جو مرڪزي خيال ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي رجحان کي فروغ ڏيڻ“ اصل ۾ 21هين صدي ۾ ا??ان جي گڏيل خوشحالي جو خاڪو آهي. هن نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن طرف رجحان جي فروغ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي جدت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان حڪومت پنهنجي فليگ شپ يوٿ پروگرام جي ذريعي، معياري تعليم، روزگار ۽ پيداواري موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته 2013ع کان هيستائين ان پروگرام جي ذريعي لائق ۽ قابل شاگردن ۾ 6 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ۽ هزارين اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن. لکين نوجوا??ن کي مصنوعي ??هانت، ڊيٽا ايناليٽڪس ۽ سائبر سيڪيورٽي جي حوالي ??ان فني تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي فري لانسرز ڪميونٽيز مان هڪ آهي. ا??ان آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت تي ڌيان ڏئي رکيو آهي ته جيئن وڏي پئماني تي پنهنجي نوجوا??ن کي جديد صلاحيتن ??ان ليس ڪري سگهون، ڊيجيٽل دنيا ??ان وڌيڪ بهتر طرح ??ان ڳنڍجي سگهون ۽ نوڪرين جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري سگهجن. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان حڪومت يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي ذريعي ??ربين رپين جا قرض ڏنا آهن جنهن جو مقصد نوجوا??ن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. وز??را??ظم چيو ته ا??ان جي اسٽارٽ اپس پاڪستان ۽ نيشنل انوويشن ايوارڊز جهڙن قدمن جو مقصد هڪ اميد ڀريي اسٽارٽ اپ ماحول کي فروغ ڏيڻ ۽ انڪيوبيشن جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. وز??را??ظم چيو ته 11هون ڊي – 8 سربراهي اجلاس ايس ايم ايز جي حوالي ??ان حصيداري جو هڪ ناياب موقعو آهي. وز??را??ظم چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪنيڪٽيوٽي لازمي آهي جيئن ته 2021ع ۾ ڍاڪا جي پڌرنامي ۾ ان حوالي ??ان زور ڏنو ويو آهي ته ا??ان کي ڊي – 8 جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ ڪنيڪٽيوٽي کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيڻ ۽ ان حوالي ??ان امڪانن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل واپاريل لنگهن ۽ قابل اعتماد سپلاءِ چينز وجود ۾ اچي سگهن. ان سلسلي ۾ وز??را??ظم پاڪ ايران ترڪي ??ور??ڊور جو حوالو ڏيندي ان کي هڪ بهترين منصوبو قرار ڏنو. وز??را??ظم چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته پاڪستان جي ڪابينا تڪرار اڪلائڻ جي مڪينزم جي حوالي ??ان ڊي – 8 جي ميمبر ملڪن ??ان پروٽوڪول ۽ ترجيحي واپاري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وز??را??ظم چيو ته جيڪي موقعا اڄ ا??ان فراهم ڪنداسين ان تي ايندڙ نسلن جي مقدر جو دارومدار آهي. اچو ا??ان انهن نوجوا??ن کي بااختيار بڻائڻ جا مناسب موقعا فراهم ڪريون ته جيئن ا??ان جو مستقبل هڪ بااختيار نسل جي هٿن ۾ هجي.
تخليقي صلاحيتون رکندڙ نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي رجحان کي فروغ ڏيڻ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار