اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ رليف جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب وفد جي قيادت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وقتي چيئرمين اسلامڪ رليف جي وفد کي چي??بر ۾ ڀليڪار ڪيو. وقتي چيئرمين چي?? ته اسلامڪ رليف قدرتي آفتن دوران انسانيت ج?? خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. پاڪستان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ رليف جا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان ملاقات دوران چي?? ته بلوچستان صوبي ۾ اسلامڪ رليف ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رليف جو ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ رليف جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته مختلف علائقن ۾ رليف سينٽر جو قيام تعريف جوڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انسانيت جي تمام وڏ?? خدم?? آهي. وفد وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بلوچستان سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ نَون منصوبن جي شروعات لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.
سينيٽ جي وقتي چيئرمين سان اسلامڪ رليف جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا