رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي ??رب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي ??رب ۾ روزگار جي موقعن جي حوالي سان جلد وڏي اڳڀرائي متو??ع آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي ??رب جي سيڙپڪاري واري وز??ر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ ايڊوائيزر رائل ڪورٽ محمد التويجري ??رب – اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اقتصادي تعاون جي حوالي سان اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي ??رب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. وزيراعظم چيو ته سعدوي سيڙپڪاري واري وزير جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي پاڪستان جي دوري ۾ تعاون جي 2.8 ارب ڊالر جي جن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون انهن مان 8 تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ??رب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي انعقاد تي سعدوي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي شاندار ميزباني تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان مان وڏي انگ ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي ??رب ۾ روزگار جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان جلد هڪ وڏي اڳڀرائي متو??ع آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گ??يل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون عملي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي گهرو ڪيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم سعودي قيادت جي ويزن 2030ع کي ساراهيندي پاڪستان پاران ان جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي ??رب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II