اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب معيشت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم ج?? ورجاءُ ڪن??ي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرد??ري ۽ سعودي سيڙپڪ??ري وار?? وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي عرب جي وفد جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. صدر وفد جي آجيان ڪن??ي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دوستي جو ذڪر ڪيو. هن دوستاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي و??ري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيد??ري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستان جي گهري احترام ۽ سعودي عرب سان يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم ج?? ورجاءُ ڪيو. صدر ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود جي دورانديش قيادت کي پڻ ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت سعودي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي سعودي سيڙپڪ??ري و??ري وفاقي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي وسيلن ۽ قابل تجديد توانائي جي صلاحيت کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪ??ري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪن??و، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير سينيٽر مصدق مسعود ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪ??ري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، وفاقي گهر?? وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هو.
صدر پاران خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ