ماسڪو _ 3 آڪٽوبر (اي پي پي) ??يڙ??ڪاري، نجڪ??ري ۽ مواصلات و??ري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته روس سان ٻه طرفي ڪاروب??ري شراڪت د??ري ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون . پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪ??ري جا وسيع موقعا موجود آهن . انهن خيالن جو اظهار هن روس جي نائب و??يراعظم اليڪسي اوورچڪ سان ملاقات دوران ڪيو. وزارت جي ج??ري بيان مطابق ملاقات جي موقعي تي روس ۾ پاڪستان جو سفير خالد جمالي ۽ ٻيون سينيئر اختياريون پڻ وفاقي وزير سان گڏ هيون. ملاقات ۾ روس جو ٽرانسپورٽ وارو وزير رومان اسٽار اووت ۽ صنعت ۽ واپار وارو نائب و??ير اليڪسي گروز دوف پڻ شامل هو. وفاقي وزير عبدالعليم خان روس جي نائب و??يراعظم اليڪسي اوور چڪ سان ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جنهن ۾ تاپي گيس رٿا، ٻه طرفو واپار، مواصلات جي ذريعن ۽ پاڪستان، ايران، آذربائيجان ۽ روس تائين ڄاڻايل واپ??ري راهد??ري ۽ ريلوي ٽريڪ جي تعمير تي پڻ ڳالهيون ٿيون. روس جي نائب و??يراعظم ۽ وفاقي وزير مواصلات جي شعبي ۾ سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري، معاشي ۽ ٻه طرفي سهڪار جي مختلف ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نومبر 2022ع ۾ ٿيل انٽر نيشنل روڊ ٽرانسپورٽ معاهدي تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته روس سان ٻه طرفي ڪاروب??ري شراڪت ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون. ماسڪو جيواپ??ري برادري سان ڳالهيون پڻ فائديمند رهيون. هن چيو ته واپار جي حوالي سان پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪ??ري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن مان فادو کڻڻ جي ضرورت آهي . هن وڌيڪ چيو ته ماسڪو ۾ پهرين پاڪ – روس بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ سان مثبت نتيجا نڪرندا.
سيڙپڪاري واري وفاقي وزير پاران روس جي نائب وزيراعظم سان ملاقات، مختلف رٿائن تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج