اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاران تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. ه?? چيو ته 2022ع ۾ شديد موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪي معيشت سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي، تعليمي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر مسرتسوگو اس??ڪاوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ شريڪ هئا. صدر ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر کي پاڪستان کي درپيش معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجز بابت آگاهه ڪيو. ه?? چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ملڪ کي تمام گهڻو معاشي نقصان پهچايو آهي. صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. هن 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر جا ٿورا مڃيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر مسرتسوگو اس??ڪاوا چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا سنگين اثر درپيش آهن، خاص طور تي گليشيئرز تيزي سان پگهري رهيا آهن. ه?? چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان کي ساليانو 2 ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪندي ۽ انفرا??ٽر??چر جي ترقي ۽ آبهوا کي منهن ڏيڻ جي قدمن جي حمايت جي لاءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته هن پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ اس??حڪام جي تازن انگن اکرن کي ساراهيو.
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔