اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر اسر??ر خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر آصف علي ??رداري اسر??ر خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچستان مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجڻ وڏو اعزاز آهي. صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي عورت صدر هئي. آصف علي ??رداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا، اسر??ر خان جي آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊجڻ سان ٻ??ن نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان امي?? جو اظهار ڪيو ته اسر??ر خان مستقبل ۾ پڻ پنهنجي ڪاميابين سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان