اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آه?? ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آه??. اهڙو اظهار هن ??الهه جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مصنوعات جو عالمي سطح تي طلب ۾ اضافو ٿيو آه??. هن ??يو ته پاڪستان ۾ تربيت يافته مزدور موجود آه??. ڄام ڪمال جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني طرفان پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جرمن وزير شولز ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جرمني ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن ??يو ته ٽيڪسٽائيل سميت ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئ?? جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪ??ي رهيون آه??، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آه??. جرمن وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آه??. ملاقات ۾ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) تي روشني وڌي، ٻنهي وزيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير جرمن وزير کي واپار واري وزارت ۾ اچڻ تي چادر جو روايتي تحفو به پيش ڪيو.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان جرمني جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب