اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قانونسازي ج?? معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي ج??ڙي ڇڏي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم قانونسازي بابت معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ج??ڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي ج?? نالو ” قانونسازي ج?? معاملن جي سُڃاڻپ بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) آهي. ڪميٽي ج?? ذميوارين ۾ نئين قانونن، قاعدن ۽ موجوده قانونن، قاعدن جو جائزو وٺڻ ۽ اها سفارش ڪرڻ ت?? ڇا اهي حڪومتي پاليسي موجب آهن، اهو جانچڻ ته موجوده قانونن ۾ ترميم آئيني اسڪيم موجب آهي، ڪنهن موجوده قانون جي خلاف ورزي نه ٿو ڪري ۽ پارليامينٽ جي اختيا?? ۾ ??چي ٿو. تجوويز ڪندڙ، ڊويزن سان پاليسي ج?? معاملي تي اختلاف جي صورت ۾ ٻنهي ج?? موقف ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو ته جيئن اها فيصلو ڪري سگهي. ڪميٽي ج?? سربراهه قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، اوورسيز پاڪستان??ز وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، خصوصي دعوت تي اٽارني ج??رل، وفاقي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن، سيڪريٽري قانون ۽ انصاف ڊويزن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم آفيس ڪميٽي جا ميمبر هوندا. چيئرمين ڪميٽي ڪنهن به اجلاس جي لاءِ ڪنهن به وفاقي وزير کي شامل ڪري سگهي ٿو.
وزيراعظم پاران قانونسازي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج