ڪراچي – 20 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن بهبود گرلز ڪاليج اينڊ هايئر سيڪنڊري اسڪول جي اهتمام هيٺ بهبود ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ منعقد استادن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چ??و ته استادن جي حوصلا افزائي تمام ضروري آهي. خاتون اول چ??و ته استاد اسڪول جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل جي لاءِ تمام گهڻي مح??ت ڪن ٿا. ثمينه علوي چ??و ته شاگردن جي بهتر تعليم جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، تعليم جي ف??اه??ي اهم آهي، اسان کي تعليم جي ذريعي تبديلي آڻڻ گهرجي، ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. هن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول چ??و ته قوم جي حيثيت سان اسان کي گهٽ شرح خواندگي جو چئلينج درپيش آهي، عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن وڌيڪ چ??و ته آئون ڇاتيءَ جي ڪينسر تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان. خاتون اول چ??و ته صدر تعليم تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چ??و ته 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چ??و ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته باباءِ قوم پڻ ٻارڙين کي تعليم جي ف??اه??ي جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چ??و ته اسان جا ماڻهو باصلاحيت آهن، تعليمي نظام تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان کي پنهنجي ٻارن جي قدرن ۽ ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چ??و ته بهبود کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي.
معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر