اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا جي 16 وزيرن حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جو نگران وڏو وزير، سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي تراني سان ٿي. حلف کڻندڙن ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، ج??يل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، ڊاڪٽر عمر سيف، انيق احمد، ڊاڪٽر ن??يم جان، ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان اسلم، شاهد اشرف تارڙ، خ??يل جارج، مدد علي سنڌي ۽ محمد ع??ي شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج