پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي ??ابطو برقرار رکڻ تي ??تفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف نئين عالمي مالياتي معاهدي تي ??ربراهي اجلاس گهرائڻ تي ??در ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي ??نصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالياتي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد و??ت جي ضرورت آهي ??ه جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي ??بديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم م??ئلي تي ??المي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha