اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاليسين جي تسلسل کي پائيدار اقتصادي ترقي، صنعتڪاري جي فروغ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪر?? جي لاءِ ضر??ري قرار ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري پاران ٽ??ڪس جمع ڪرائ?? جي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شڪايتن ۽ مسئلن کي ختم ڪر?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) جي سڀ کان وڌيڪ ٽ??ڪس ڏيندڙن ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گروپ ليڊر آر سي سي آئي سهيل الطاف، صدر آر سي سي آئي ثاقب رفيق، وفاقي ٽ??ڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود باجوه ۽ ايف بي آر جي نمائندن ۽ واپاري برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪاروباري عمل کي ٽ??ڪس وصولي کي وڌائڻ، ٽ??ڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ معيشت ۾ شفافيت جي لاءِ ضر??ري قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ٽ??ڪس سان جي ڊي پي جو گهٽ تناسب ان جي قيام کانپوءِ کان ئي وڏو مسئلو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ٽ??ڪس نظام کي آسان بڻائي ۽ ٽ??ڪس جي نظام ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري ٽ??ڪس ڪلچر کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. هن واپارين کي وڌيڪ ٽ??ڪس ادا ڪرڻ، جمع ٿيل ٽ??ڪس کي انصاف ۽ ديانتداري سان خرچ ڪرڻ، ڪرپشن ۽ چ??ري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري دٻاءُ جو شڪار آهي، سمورين ڌرين کي موجوده صورتحال مان نڪر?? جي لاءِ ذميواري سان ڪم ڪرڻ ۽ ان مقصد کي حاصل ڪر?? جي لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪر?? جي ضرورت آيه. هن 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ کانسواءِ نوجوانن جي مهارت جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ ۽ تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ حصيداري قائم ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي پنهنجي آبادي جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن جي سارسنڀال ڪن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ هيٺاهين آئي آهي، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي داخلا کي وڌائڻ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ تعلي??ي معيار کي بهتر بڻائ?? جي لاءِ ڪوششون ڪر?? جي ضرورت آهي. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها عورتن کي ڪم واري جڳهه تي محفوظ ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروبار ۽ صنعت ۾ انهن جي حصيداري کي وڌائين. هن عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ شامل ڪر?? جي حوالي سان رڳو زباني ڳالهيون ڪرڻ بدران بنيادي معيار قائم ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته معذور ماڻهن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي. ان کان اڳ صدر ريٽيل، مينوفيڪچرنگ، فارماسيوٽيڪل، ٽريول، ڪنسٽرڪشن، اسٽيل، پولٽري ۽ درآمدي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ بزنس ڪميونٽي جي سڀ کان وڌيڪ ٽ??ڪس ڏيندڙن ۾ آر سي سي آئي ايوارڊز ورهايا.
واپاري برادري جي شڪايتن ۽ مسئلن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2