??سل??م آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس وومينز ايسوسيئيشن (پفوا) هاڻ تائين فلڊ رليف مهم ۾ 28.3 ملين رپيا گڏ ڪيا آهن، اها رقم پي اي ايف فلڊ رليف ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. پفوا جي ڪوششن ۽ پاڪ فضائيه جي عورتن جي فعال شرڪت جي نتيجي ۾ وڏي مقدار ۾ مردن، عورتن، ٻارن جا ڪپڙا، ڪمبل، بسترا ۽ دوائون گڏ ڪيون ويون آهن. هوائي فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪي?? بيان مطابق هاڻوڪي مون سون جي برساتن ۽ قومي سطح تي ٻوڏ ??ي تباهه ڪارين جي اُڀرندڙ صورتحال جي تناظر ۾ سڄي ملڪ ۾ انسانيت کي بچائڻ ل??ءِ قومي سطح جي ڪوششن ۽ سهڪار جي ضرورت آهي. پفوا هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناتي قدرتي آفتن جي متاثر ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائڻ ل??ءِ امدادي سرگرميون منعقد ڪيون ۽ ان ۾ هميشه اڳڀرائي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ پفوا فلڊ رليف مهم ۾ هاڻ تائين 28.3 ملين رپيا گڏ ڪيا آهن.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج