اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ ب??ر ايسوسيئيشن جو صدر احسن ڀون، پاڪستان بار ??ائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ ب??ر ايسوسيئيشن جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب بار ??ائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ??ائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم وڪيل ??را??ري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪيل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معامل?? کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ بار ??ائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن وزيراعظم ??هباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪيل ??را??ري جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪرد??ر ادا ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار ??ي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ