اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آ??ي ته ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان ۽ گهٽ رهتن جي وصولي وارن فيڊرز کانسواءِ لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، وزيراعظم نئين توانائي پاليسي تيار ڪرڻ ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجل?? جي لوڊشيڊنگ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ ۾ بجل?? جي پيداوار 22 هزار 634 ميگاواٽ تائين پهچي وئي اهي، وڌيڪ خساري وارن فيڊرز تي لوڊ مئنيجمينٽ ڪئي پئي وڃي، لوڊشيدنگ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اضافي وسيلا گهربل آهن، عذاب عمراني، بدانتظامي ۽ ??اا??لي سان توانائي جو شعبو به متاثر ٿيو آهي، آئين تحت صدر وزيراعظم جي ايدوائيس تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، وزيراعظم جي اختيارن جي حوالي سان آئين واض?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو ته گرم?? جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اضافي وسيلا گهربل هوندا، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا توانائي واري وزارت کان ان سلسلي ۾ مالي وسيلا فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن جي مثبت جواب جي اميد آهي. هن چيو ته 31 مئي 2018ع تي جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪيو هو ته ان وقت ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٻڙي هئي ۽ طلب کان وڌيڪ بجلي سپلائي ڪئي پئي وئي پر 26 اپريل تي جڏهن مون کي ان وزارت جي ذميواري ملي ته ملڪ ۾ لوڊشيدنگ جو وقت ڏهاڙي 8 کان 12 ڪلاڪ هو ۽ 7 هزار 104 ميگاواٽ بجل?? جي پيداواري صلاحيت بند پيل هئي ان ۾ 5800 ميگاواٽ بجلي ان لاءِ پيدا نه ٿي رهي هئي ته اڳوڻي حڪومت بجل?? جي پيداوار جي لاءِ ٻارڻ جو انتظام نه ڪيو هو ۽ 1300 ميگاواٽ بجلي پاور پلانٽس جي مرمت ۽ بحال?? جي ڪم جي ڪري سسٽم ۾ نه اچي رهي هئي. هن چيو ته عذاب عمراني، بدانتظامي ۽ مافيا جي سرپرست?? جي ڪري توانائي جو شعبو به متاثر ٿيو، هاڻي وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ هڪ وسيع البنياد حڪومت جي قيادت ڪري رهيو آهي، هن پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ پهرين مئي کان 10 مئي تائين لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، پن بجل?? جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اڄ بجل?? جي پيداوار 22 هزار 634 ميگاواٽ آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڳوٺاڻن علائقن مان لوڊشيڊنگ جون شڪايتون مليون، وفاقي ڪابينا کي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ م فيڊرز جي ڪيٽيگريز ٺاهيون ويون آهن، اي، بي ۽ سي ڪيٽيگريز جتي بجلي جا نقصان 30 سيڪڙو کان گهٽ آهن اتي لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، وڌيڪ نقصان ۽ گهٽ رهتن جي وصولي وارن فيڊرز ۾ لوڊ مئنيجمينٽ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آ??ي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نئين توانائي پاليسي ٺاهي وڃي ته جيئن ايندڙ 10 سالن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ توانائ?? جي شعب?? جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته سج جي روشني ۽ هوا سان پيدا ٿيندڙ بجلي سستي آهي، اڳ ۾ ڪوئلي سان به سستي بجلي پيدا ٿيندي هئي پر هاڻي ائين نه آهي، سولر پاور، ونڊ پاور ۽ هائيڊل پاور جنريشن وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٿر ۾ ڪوئل?? جي پنهنجي ذخيرن کي به وڌ کان وڌ استعمال ۾ آندو ويندو، 2018ع کان اڳ جيڪي بجلي گهر اتي لڳايا ويا هئا انهن جي پيداوار به اچڻ شروع ٿي ويندي، سي پيڪ کي اڳوڻي حڪومت نقصان پهچايو، 1320 ميگاواٽ جي بجيل جي پيداوار جو منصوبو اڳوڻي حڪومت جي نالائقي ۽ بدنيت?? جي ڪري اڳتي نه وڌي سگهيو هو، ان جي به پيداوار جي شرواعت ٿي ويندي، 22634 ميگاواٽ ۾ نيوڪليئر ذريعن سان بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪي ٿري ۽ ڪي فور پاور پلانٽس جي پيداوار به شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آ??ي ته شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجل?? جي لوڊشيڊنگ ۾ توازن پيدا ڪيو وڃي، هي هڪ چئلينج آهي پر اسان ان کي پورو ڪنداسين، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نظام ۾ به بهتري آندي ويندي، 100 ارب رپيا جيڪڏهن اضافي ملي وڃن ته ايندڙ 5 کان 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ کي محدود ڪيو ويندو، ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ توازن آڻڻ جي پاليسي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم خاطري ڪرائي آ??ي ته توانائ?? جي شعبي کي گهربل وسيلا فراهم ڪيا ويندا، ايل اين ج?? جي فراهم?? جي لاءِ قدم کڻڻ تي پيٽروليم واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جا ٿورائتا آهيون، مئ?? جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ 10 کان 8 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪري اسان ثابت ڪيو آ??ي ته موجوده وسيع البنياد حڪومت محنت ۽ عوام جي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان کي روشن ڪرڻ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جو مشن هو، اسان ان مشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ گرم?? جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي رهندي، ايندڙ 10 سالن جي لاءِ اسان پاليسي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن مستقبل جي توانائ?? جي ضرورتن جي پيش بندي ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ خرم دستگير خان چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ??اا??ل?? جي ڪري بجيل جا ڪيترائي ڪارخانا بند ٿيا. هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته آئين تحت صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، صدر 3 اپريل تي پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور کي هٽائڻ جي ايڊوائيس قبول ڪري ورتي هئي، جيڪڏهن صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي عمل نه ٿو ڪري ته آرٽيڪل 6 ۾ آئين سان انحرافي جو ذڪر موجود آهي، وفاقي ڪابينا واضح راءِ ڏني آ??ي ته ملڪ آئين ۽ قانون تحت ئي هلندو، آئين کان انحرافي بلڪل واضح ٿي وئي آهي ۽ صدر وٽ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو ڪو جواز موجود نه آهي، آئين ان حوالي سان بلڪل واص?? آهي، اسان عمران خان جي فسطائيت جي خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي آهي اها آئين جي عملدار?? جي لاءِ هئي. هن چيو ته ان معاملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميشن ٺاهي پئي وڃي، گورنر جي مقرر?? جي حوالي سان وزيراعظم جو اختيار بلڪل واض?? آهي، هي هڪ سنجيده معاملو آهي ۽ ان کي خوش اسلوبي سان حل ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آ??ي ته توانائ?? جي شعبي جون رهتون 30 جون تائين ادا ڪيون وڃن، هي هڪ مالياتي چئلينج آهي، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي به رهتن جي وصولي وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، بجل?? جي شعبي ۾ توازن ۽ تسلسل آڻينداسين.
ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان ۽ گهٽ رهتن جي وصولي وارن فيڊرز کانسواءِ لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2