اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مصر جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سندس اچڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نم??ئندي علامه طاهر محمود اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا لاڳ??پا رکن ٿا. هن چيو ته مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار استقبال ڪريون ٿا. خصوصي نم??ئندي چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان ??مت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان ??مت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان ??مت جي ترقي ۾ مدد ملندي.
مصر جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب