اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اقتدار کان محرومي مخالف ڌر کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم جا جل??ا ملتوي ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته هي سياسي ڪنفيوزڊ آهن، پاڪستان جي عوام پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي ذاتي مفاد جي تحفظ جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي ڄاڻي وٺ?? ته عوام ڪرپشن جي حمايت ۾ نه پر ڪرپشن جي خلاف نڪرندي آهي، عمران خان جي ڪرپٽ نظام ۽ ان جي ??ين??فشريز جي خلاف جنگ پوري قوت سان جا??ي رهندي. هن چيو ته عمران خان جي بغض ۾ هي لکين جتن ڪري وٺ??، عوام انهن جي ڪنهن تحريڪ سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي هوندي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ