اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جا??ي ڪري ڇڏيا آهن، ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي م??ن جا??ي ڪيل انگن اکرن موجب گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 584 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 46 آهي، گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران 28 هزار 724 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 42، پنجاب ۾ 10 هزار 211، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 210، اسلام آباد 2 هزار 622، بلوچستان 895، گلگت بلتسان ۾ 397 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 237 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿ??ند??ن جو تعداد 2 لک 88 هزار 536 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مخ??ص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي م??يضن جو مجموعي تعداد 3 لک 955 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 389، بلوچستان 13 هزار 401، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 164، اسلام آباد ۾ 15 هزار 862، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 862، پنجاب ۾ 97 هزار 602، سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 675 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز