اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتح??ل ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو ??هي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صورتحال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني و??ندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا و??ن، ڪورونا هڪ قومي مسئلو ??هي ان حوالي سان سمورا فيصلا اتف??ق راءِ سان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صورتحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ان جي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.
حڪومت ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena