اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ?? بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو اتفاق ڪيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين جي ذريعي منصفاڻي طريقي سان حل ??رڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ خوشحالي اچي سگهي. صدر چيو ته عالمي برادري تي زور ڏنو ته ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو ن??ٽي?? وٺي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏ??ارڻ ۾ انهن جي مدد ڪري. صدر اها ڳالهه بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان ايوان صدر ۾ ڳالهين دوران چئي. صدر چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جاري وحشياڻي تشدد تان عالمي برادري جو ڌيان هٽرائڻ جي لاءِ لائين آف ڪنٽرول جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام