اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) پائيدار اقتصادي اوسر واري شرح لاءِ سڄي دنيا جي حڪومتن کي ايندڙ 10 سالن دوران 30 کرب ڊالر جا ??ضا??ي وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، پراپ??ٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن کي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي رپورٽ مطابق اهي وسيلا تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي 4 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي جي ڊي پي جي 16 سيڪڙو جي برابر آهن. آئي ايم ا??ف تجويز پيش ڪئي آهي ته ??ضا??ي وسيلن جي دستيابي لاءِ مقامي سطح تي پراپ??ٽي ٽيڪس کي اثرائتي ط??ر لاڳو ڪرڻ جي قدمن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي آئي ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٽيڪسز جي شرح ۾ ??ضا??ي جي حوالي سان سڌاري سبب ڪجهه ملڪن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلا به پيدا ٿيا آهن جن کان تحفظ لاءِ سمورن شراڪتدارن جي صلاح سان قدم کڻڻا پوندا ۽ عوام کي به اعتماد ۾ وٺڻو پوندو. پائيدار معاشي ترقي جي وسيلن ۾ ??ضا??ي جي سلسلي ۾ رئيل اسٽيٽ ٽيڪسز جو اثرائتو نفاذ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي قومي ٽيڪسن جي شرح وڌائڻ بدران پراپ??ٽي ٽيڪس جي موثر نفاذ سان نه رڳو ڪنهن قسم جي سياسي غير يقيني جي صورتحال کان بچي سگهجي ٿو پر مقامي سطح تي پراپ??ٽي ٽيڪس جي وصولي ۽ ترقياتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. آئي ايم ايف وڌيڪ چيو ته ملڪيت تي ٽيڪس جو اثرائتو نفاذ مقامي حڪومتن جي آمدني ۾ ??ضا??و ڪري سگهي ٿو. جنهن سان مقامي حڪومتون شهري آبادين جي مسئلن جي خاتمي ۽ ترقياتي هدف کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ مطابق پراپ??ٽي ٽيڪس جي اثرائتي نفاذ لاءِ جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جڏهن ته پاليسي ريفارمز به گهٽ آمدني وارن ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي آمدني وسيلن ۾ ??ضا??ي کي يقيني بڻائي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ مقامي سطح تي بنيادي ڍانچي جي ترقي سان زندگي جي معيار ۾ به ??ضا??و ٿيندو.
پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن جي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا: آئي ايم ايف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت