رياض -11 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي بدعنواني جي روڪٿام واري اٿارٽي نزاها ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏ??هن بابت آفيس 20 ملين ڊالرن سان رياض اينٽي ڪرپشن پليٽ فارم قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن. پليٽ فارم بدعنواني جي روڪٿام سان ??اڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گلوبل آپريشنز نيٽ ورڪ وچ ۾ معلومات جي ڏي وٺ ڪندو. معاهدي تي صحيحيون ڪندڙن ?? مملڪت جي نمائندگي ڪنٽرول اينڊ اينٽي ڪرپشن اٿارٽي جو سربراهه مازن الکموس ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏ??هن واري آفيس پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر گاده ولي ڪئي. مازن الکموس وضاحت ڪئي ته هي معاهدو بدعنواني خلاف گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي ضرورت مطابق بدعنواني جي روڪٿام سان ??اڳاپيل ايجنسين وچ ۾ سڌي رابطي ۽ سهڪار جي طريقيڪار جي ڪمزوري سبب انهن ملڪن کي درپيش چئلينجن ??و مقابلو ڪندو. هن چيو ته ان ??ليٽ فارم جي قائم ڪرڻ سان سعودي عرب جي حمايت مملڪت جي ان شعور جي تصديق ڪري ٿي ته بدعنواني هڪ سرحد پار ڏوهه آهي. ۽ اهو ته ويجهي عالمي سهڪار کان سواءِ بدعنوان ??اڻهن ۽ انهن جي پيسن جي محفوظ پناهگاهه کي محدود ڪرڻ ناممڪن ناهي.
سعودي عرب ۽ گڏيل قومن ۾ اينٽي ڪرپشن پليٽ فارم قائم ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری