گڏيل قومو?? – 18 اپريل (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گڏ??ل قومن جي مڪمل رڪنيت لاءِ فلسطين جي درخواست ت?? ووٽنگ (اڄ) جمعي تي ٿيندي. ٻئي پاسي سفارتڪارن چيو آهي ته گڏ??ل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت هڪ اهڙو قدم آهي جنهن کي اسرائيل جو اتحادي ويٽو ڪندي روڪي ڇڏيندو ڇو جو اهو فلسطيني رياست کي موثر طريقي سان تسليم ڪرڻ جي برابر ٿي سگهي ٿو. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق سفارتڪارن چيو آهي ته 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ جو هڪ مسودو ت?? ووٽنگ اڄ منجهند 3 وڳي ٿيندي. سلامتي ڪائونسل طرفان ٺهراءُ جي منظوري ۾ 193 رڪني گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي کي سفارش ڪئي ويندي ته رياست فلسطين کي گڏ??ل قومن جي مڪمل رڪنيت ڏني وڃي. سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي حق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي. سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ان قدمن کي ڪائونسل جي 13 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪو آمريڪا کي پنهنجو ويٽو استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.
فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي ٺهراءُ تي سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ (اڄ) ٿيندي
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha