اسلام آباد -14 جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان فوري ڪميٽي جوڙڻ ۽ هن اهم پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت ۽ خرابين جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ ۾ پيدا ٿيل هاڻوڪي ??رابي جي جاچ ڪرڻ واري جاچ ٽيم ڪميٽي جي سربراهه اڳواڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان طرفان شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزير??عظ?? کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي هيڊريس ٽنل ۾ 29 اپريل 2024ع تي فشار ۾ گهٽتائي سبب بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي. ۽ 2 مئي 2024ع تي پاور پلانٽ م??ن بجلي جي پيداوار مڪمل طور بند ٿي وئي، منصوبي جي بندش سان قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن جاءِ تي موجوده خرابي پيدا ٿي آهي، هي راڪ برسٽ زون آهي. بريفنگ ۾ پي ??ي آءِ جي حڪومتي دور دوران 2021ع ۾ به هيڊريس ٽنل ۾ فشار ۾ غير معمولي گهٽتائي سبب منصوبي م??ن بجلي جي پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، پر فشار ۾ هن غير معمولي تبديلي کي نظر انداز ڪندي رپورٽ نه ڪيو ويو ۽ معاملي کي ڄاڻي واڻي دٻايو ويو. پي ??ي آءِ جي حڪومتي دور دوران 2021ع ۾ نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ ۾ ٿيل خرابي جي حوالي سان مرمت جو ڪو به ڪم نه ڪيو ويو، جنهن سان نقصان ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هي هڪ مجرماڻي غفلت هئي. نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ ۾ 2021ع ۾ پيدا ٿيل خرابي کي به جاچ رپورٽ جو حصو بڻايو پيو وڃي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته سال 2022ع ۾ منصوبي جي ٽيل ريس ٽنل ۾ خرابي سبب بجلي جي پيداوار معطل ٿي ۽ جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي تعمير جي حوالي سان جيو فزيڪل ۽ سيسمڪ سببن کي نظر انداز ڪيو ويو، هيڊريس ٽنل جي مناسب ڪنڪريٽ لائننگ نه ڪئي وئي، منصوبي جي وقت سر ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن نه ڪرائي وئي. ان موقعي تي وزير??عظ?? نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ جي هاڻوڪي ??ندش جي حوالي سان جاچ رپورٽ فوري طور مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي پراجيڪٽ ۾ پيدا ٿيل خرابين جي حوالي سان ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته ماهرن نشاندهي ڪئي ته ڊزائن ۾ خرابيون آهن. ڪانڪريٽ لائيننگ نه ڪئي وئي. هي ڪيتري نه بدقسمتي جي ڳالهه آهي جو ايڏي وڏي ۽ اهم منصوبي ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي وئي. وزير??عظ?? پڇاڻو ڪيو ته منصوبي جي حوالي سان تفصيلي جيولوجيڪل سروي ڇو نه ڪرائي وئي؟ منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن نه ڪرائي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي. وزير??عظ?? نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان فوري ڪميٽي بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير، پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، وزير??عظ?? جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، واپڊا چيئرمين، اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جي نيلم-جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان فوري ڪاميٽي جوڙڻ ۽ خرابين جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria