آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊمه ڊوله، ??اجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ ا??وڻي سينيٽر هدايت الله سميت ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن امان ۽ جمهوريت جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جو ملڪ مان خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم مارجي ويلن جي مغف??ت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات