اسلام آباد -11 جون (اي پي پي)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين 6 سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس، 2 ايف ??يم لائسنس ۽ 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا، مارچ 2024ع تائين جاري ڪيل سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جو انگ 140، ايف ??يم لائسنس جو انگ 239 ۽ ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي 24-2023ع موجب پيمرا طرفان جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين هڪ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جو سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جاري ڪيو ويو، اهڙي طرح ٻه لائسنس انٽرٽينمينٽ جي ڪيٽيگري ۾، هڪ علائقائي ٻولي ۽ هڪ تعليمي چئنل ۽ هڪ نان ڪمرشل تعليمي چئنل جي ڪيٽيگري ۾ جاري ڪيا ويا. مارچ 2024ع تائ??ن ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ هڪ ايف ??يم چئنل جو لائسنس جاري ڪيو جنهن کانپوءِ ايف ??يم ريڊيو لائسنس جو انگ 239 ٿي ويو. پيمرا جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين مجموعي طور تي 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا جن کانپوءِ مارچ 2024ع مجموعي طور ت?? جاري ٿيل ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. اهڙي طرح مارچ 2024ع مجموعي طور موبائيل ٽي و?? جا 4، انٽرنيٽ پروٽوڪول جا 26، ڊائريڪٽ ٽو هوم (ڊي ٽي ايڇ) جو هڪ، ٽيلي پورٽ جو هڪ ۽ ٽيلي ويزن ريٽنگ پوائنٽ ڪمپنيز کي 3 لائسنس جاري ڪيا. پيمرا جي آمدني جو بنيادي ذريعو لائسنس جاري ڪرڻ وقت لائسنس وٺندڙن کان ايڊوانس ٽيڪس جي وصولي ۽ ان جي تجديد ۽ فيس يا ڏنڊ جي وصولي تي ٻڌل آهي. مالي ??ال 24-2023ع ۾ جولاءِ کان مارچ دوران پيمرا مالي ??ال 2023ع ۾ 19 لک 63 هزار روپين جي ڀيٽ ۾ 27 لک 50 هزار روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا جيڪي 40 سيڪڙو اضافي کي ظاهر ڪري ٿو.
پيمرا جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين 6 سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس، 2 ايف ايم لائسنس ۽ 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa