اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمت جي 16 يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل ها??مي، سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري پاڪستان چين بز??س ڪانفرنس جي حوالي سان بريفنگ ڏني. پلاننگ ڪميشن پاران جاري بيان موجب پاڪستاني سفير خليل ها??مي چيو ته چيني ڪمپنين بز??س ڪانفرنس ۾ تمام گهڻي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، هي هڪ غيرمعمولي ايونٽ آهي، چين جي 700 ناليواري ڪاروباري شخصيتن فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪيو آهي. خليل ها??مي چيو ته افتتاحي اجلاس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم خطاب ڪندو، افتتاحي اجلاس کانپوءِ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون شيڊيول آهن. خليل ها??مي چيو ته وزيراعظم جي افتتاحي اجلاس کان اڳ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ٿيندي. سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري چيو ته افتتاحي اجلاس ۾ شمسي توانائي جي امڪانن، گوادر بندرگاهه ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول جي موضوعن تي بريفنگ ڏني ويندي، پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ 16 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون.
پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمت جي 16 يادداشتن تي صحيحون ٿينديون
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II