اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ث??اف?? جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪاري ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ترڪ سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا لاڳ??پا آهن، ٻنهي قومن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. صدر چيو ته پاڪستان انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبي سميت ترڪيه جي ترقياتي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ريلوي رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي تجويز ڏني. صدر عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليمي ۽ ث??اف??ي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان ۾ ستين اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ آجيان ڪندو. هن صدر چونڊجڻ ۽ رمضان المبارڪ جي شروعات تي مبارڪباد جي پيغامن تي صدر طيب اردوان جا ٿورا ??ڃيا. هن ترڪيه جي صدر جي مستقبل ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں