اسلام آب??د – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ڪالهه سومر ڏينهن سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوند?? آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 231 ڀارتي قيدين (47 سويلين قيدي ۽ 184 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آب??د ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪس??ان??ن جي فهرست پاڪس??ان?? هائي ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ 418 پاڪس??ان?? (337 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) قيد آهن. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ??ه اها انهن سمورن پاڪس??ان?? قيدين کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿ?? آهي. بيان ۾ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي گم ??يل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ ۽ 77 سول قيدين تائين خصوصي قونصلر پهچ جي درخواست پڻ ڪئي وئ?? آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس