ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي ج?? زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پا?? فوج جي ج??انن جي جذبي کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته اهڙي قوم جي فتح ??قيني آهي ج??هن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي ج??ان هجن جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پا??ستاني قوم دهشتگردي ج?? لعنت جي خلاف شيهي ج?? ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاق?? گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو، بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری