اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽو??يٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جون بجيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ 42 ارب رپين جي من??وري ڏني هئي، 10 ارب رپين جي رقم اڳ ۾ ئي جاري ڪئي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن من??ور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ من??فاڻيون چونڊون من??قد ڪ??ڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری