اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاض??، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، غلام محمد صفي سميت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن، سي??سي ۽ مذهبي اڳواڻن، اهميت شخصيتن، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪشميري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ڀارتي ظلمن جي باوجود ڪشمي??ين جي آزادي جي جذبي ۾ اضافو ٿيو آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمي??ين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۽ آزادي جي جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير بابت پاس ٿيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين ??ي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿي ??هي?? آهي. ريلي جي موقعي تي ٻين ??طاب ڪندڙن چيو ته ڪشميري عوام 76 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي. پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. هن چيو ته 1947ع کان شروع ٿيل ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري ??هي?? آهي. هنن گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻي ??هي?? آهي. خطاب ڪندڙن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي جبري قبضو ڪيو، اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين ??اري آهي. هنن چيو ته جيئن جيئن ظلم ۽ ڏاڍ وڌيو ڪشميري عوام جو جذبو به ائين ??ي وڌيو آهي. ريلي کي خطاب ڪندي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو ته ڀارت ڪشمي??ين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي وڌيڪ عرصي تائين نٿو دٻائي سگهي. هنن ڪشميري عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشمي??ين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. هنن چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جو مقابلو انتهائي بهادري سان ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي. ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد دوران هيستائين لکين ??هيدن قربانيون ڏنيون آهن. هنن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين ??ي اکيون بند نه ڪري. ان کان اڳ ريلي پرڏيهي وزارت کان شروع ٿي ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي.
والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل