ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ?? پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري مادر جمهوريت بيگم ??صرت ڀٽو جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر جمهوريت آئين ?? جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي، بي پناهه مشڪلاتُون ۽ المناڪ صدما برداشت ڪيا پر جمهوريت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو جهڪڻ نه ڏنو، مادر جمهوريت بيگم ??صرت ڀٽو بي مثال صبر، جرئت ۽ مفاهمت جو استعارو هئي، سندس ذڪر کانسواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بيگم ??صرت ڀٽو جي 94 هين ولادت جي ڏهاڙي تي بلاول ڀٽوزرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم ??صرت ڀٽو بهادر ۽ مدبر عورت ۽ پروقار شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ هر قسم جي حالتن ۾قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته بيگم ??صرت ڀٽو ملڪ جي پهرين چونڊيل وز??راعظم جي عدالتي قتل کانپوءِ جهڙي طرح پنهنجي ذاتي ڏک ۽ مصيبتن کي وساري قوم جي وسيع ??ر مفاد کي مٿانهون رکندي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪئي، تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. هن چيو ته بيگم ??صرت ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانيون اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. مادر جمهوريت بيگم ??صرت ڀٽو هر جيالي ۽ پاڪستان جي عوام جي دلين ?? سدائين زندهه رهندي.
مادر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ