انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان ??ان ملاقات ڪئي ۽ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? جيڪو ترڪ عوام ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه ۾ آهي، صدارتي محل پهچڻ تي ??در رجب طيب اردوان سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر پڻ وزيراعظم ??ان گڏ هئا. ترڪيه روانگي کان اڳ وزيراعظم ش??با?? شريف هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو پيغام کڻي ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ٻن جدا رياستن ۾ رهندڙ هڪ قو?? جي جذبي تحت ا??ان انهن جي نقصان کي پنهنجو سمجهون ٿا. ??در اردوان ??ان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن ??ان گڏوگڏ زلزلي متاثرين ??ان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو مشڪل وقت ۾ ترڪ عوام ??ان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم 6 فيبروري تي ??در رجب طيب اردوان ??ان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ڏکڻ ترڪيه ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. ترڪيه عوا?? جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي ??ان گڏ بيٺل رهيا آهن.
وزيراعظم جي ترڪيه جي صدر سان ملاقات، زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ