اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ انهن منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي وئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي، سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ، قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جيڪو پاڪستان جي دوري تي آهي، ان کي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيرا??ظم جي هدايت تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان 48 ڪلاڪن ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن سموري ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪري و??تي آهي. وزيرا??ظم ان حوالي سان اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي ڪابينا جي لاڳاپيل م??مب??ن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي انهي جوش، جذبي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم چيو ته ماضي ۾ اسان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. جڏهن ته هاڻي اسان کي انهي رفتار سان اڳتي وڌڻو آهي جنهن رفتار سان گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا جي لاڳاپيل م??مب??ن ۽ آفيسرن جي ان گروپ ڪم ڪيو. اجلاس کي سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي منصوبن تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت مهمند ڊيم پراجيڪٽ، جاگران – IV پراجيڪٽ، شونٽر هائيڊرو پا??ر پراجيڪٽ ۽ گريويٽي فلو واٽر مانسهره پراجيڪٽ جي حوالي سان سموري ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مع??هدن تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پا??ر پلانٽ ۽ گولن گول هائيڊرو پا??ر پراجيڪٽ جي حوالي سان سموريون ڏکيائيون ختم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيلم ويلي روڊ جي هڪ سيڪشن ۽ ٻن ٽنلز جي تعمير جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته مالاڪنڊ ريجن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ حياسري اسپتال کي ضروري سامان ۽ فرنيچر جي فراهمي جي منصوبن جي حوالي سان پڻ سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ايبٽ آباد جي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي جي حوالي سان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ، ايرا، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس جي وچ ۾ سمورا مع??ملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ترلائي، اسلام آباد ۾ شاهه سلمان اسپتال جي تعمير جي حوالي سان تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيرا??ظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ۾ فنڊنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني جنهن تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد دلچسپي جو اظهار ڪيو. 17 آڪٽوبر 2022ع تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد سان ملاقات ۾ وزيرا??ظم سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن ۾ دير تي سخت نوٽيس وٺندي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ سموري ضروري ڪارروائي وفد جي پاڪستان ۾ موجودگي دوران پوري ڪري هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو ته سعودي عرب پرڏيهي مع??ملن سميت هر محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيرا??ظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيرا??ظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته سعودي عرب جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي پاڪستان جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي آهي ۽ اسان هر طريقي سان سعودي عرب جي حمايت جاري رکنداسين. سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي ايشمري ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي مع??ملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص مع??ونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.
وزيراعظم پاران سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II