اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثق??فت ۽ عوام جي ??طح تي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي رائٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي ??خراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي ??اوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ملين پائونڊ جي ??نساني امداد تي برطانيا جي ??ڪومت جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ برطانيا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثق??فت ۽ عوام سان عوام جي ??ابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ??يڻ جي پاڪستان جي ??زم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي ??وام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين پاڪست??ني?? جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ واجد خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. برطانيا جي وفد وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي ??عاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم شهباز شريف سان برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر جي ملاقات، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha